پرمانند پياسي

پرمانند پياسي

پرمانند پياسي

پرمانند پياسي: سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر پرمانند پياسيءَ جو اصل نالو پَمون مل هو. هُو 4 اپريل 1895ع تي اسلام ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي تر جي بهترين استاد احمد خان کان حاصل ڪئي. 1917ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، ننگرپارڪر ۾ پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ 14 اپريل 1950ع تي پرائمري اسڪول اسلام ڪوٽ جي هيڊ ماستر طور رٽائرڊ ٿيو. برصغير جي ورهاڱي سبب 1953ع ۾ کيس سنڌ بدر ٿيڻو پيو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن هندستان ۾ رهيو.پرمانند پياسي پنهنجي دور جي بهترين شاعرن ۾ شامل هو، همعصر شاعرن ۾ ڪشنچند تيرٿداس کتري بيوس، هوندراج دکايل، هري دلگير، شيخ اياز، موتي پرڪاش ۽ عبدالرزاق راز جهڙا قداور شاعر موجود هئا، جن نه صرف سندس شعر کي ڀرپور داد ڏنو، پر بهترين شاعر طور تسليم ڪيو. پرمانند پياسيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”پياسيءَ جِي پياس“ انڊيا مان شايع ٿيو. هن 1991ع ڌاري هندستان ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.4.4  عيسوي

شاعر پرمانند پياسيءَ جو اصل نالو پَمون مل هو. هُو 4 اپريل 1895ع تي اسلام ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.هن 1991ع ڌاري هندستان ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زاهد شيخ
سليم جعفر
خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو
ٺٽوي رضي الدين فدائي
شاهه علي محمد
اوج علوي
دريا خان فقير
حافظ شيرازي
احسان علي
رضوي همت علي شاهه
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون